بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي

بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي

بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي

بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي: بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد، پاڪستان ۾ هڪ عالمي درسگاهه آهي، جيڪا تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن موقعا فراهم ڪرڻ سان گڏ انفرادي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائڻ ۾ ڪردار ادا ڪري رهي آهي.
يونيورسٽيءَ جو بنياد 15 صدي هجريءَ جي پهرئين ڏينهن يعني پهرين محرم 1401 هه مطابق 11 نومبر 1980ع تي رکيو ويو. يونيورسٽيءَ جو قيام اسلامي جاڳرتا جي امنگن ۽ اميدن جو مظهر آهي ۽ هڪ نئين صديءَ جي شروعات جو بنيادي پٿر پڻ. اسلامي تعليم، ڪردار ۽ تشخص سان گڏوگڏ جديد دنيا جي اقتصادي، سماجي، سياسي ۽ دانشورانه تربيت ڪرڻ به هن يونيورسٽيءَ جو مقصد آهي.
يونيورسٽي 8 فئڪلٽين ۽ پنج خودمختيار اڪيڊمين، ادارن (Institutes) ۽ سينٽرن سان گڏوگڏ 58 تعليمي پروگرام هلائي رهي آهي، جڏهن ته 17000 شاگرد تعليم پرائي رهيا آهن، جن ۾ 6500 شاگردياڻيون آهن. اقرا ٽيڪنيڪل سينٽر ۾ جيڪو يونيورسٽيءَ جو ذيلي ادارو آهي، اٽڪل 200 شاگرد تعليم وٺي رهيا آهن.
هيءَ يونيورسٽي تعليم جو هڪ منفرد ادارو آهي. جيڪو دنيا جي ٻن متوازي نظامن يعني مذهبي ۽ ٻين تعليمي نظامن تي ٻڌل ذريعه تعليم ڏئي رهيو آهي. ادارو موجوده حالتن جي تقاضائن موجب اسلامي بنيادن تي ان جا حل پيش ڪري ٿو.
يونيورسٽيءَ ۾ سڄي دنيا مان شاگرد تعليم وٺي رهيا آهن. هن وقت يونيورسٽيءَ جي ڌار ڌار فئڪلٽين ۾ دنيا جي اٽڪل 42 ملڪن جا شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. يونيورسٽيءَ جو گهڻ ٻوليائي، گهڻ ثقافتي ۽ گهڻ نسلي ماحول، مسلم دنيا جي رنگا رنگ ڳوڙهائيءَ جو چهرو پيش ڪري ٿو. يونيورسٽيءَ جو اهم مقصد اعليٰ تعليمي معيار جي حاصلات آهي. تجرباتي سامان سان ڀرپور ليبارٽرين، لکين ڪتابن تي مشتمل 3 وڏين لئبريرين سان گڏ يونيورسٽي شاگردن جي تعليم ۽ تربيت جو هر موقعو موجود ڪري ڏئي ٿي ته جيئن شاگرد گهربل شعبن ۾ مڪمل مهارت ۽ قابليت حاصل ڪري سگهن.
بين الاقوامي يونيورسٽي 17 ملڪن جي نمائندن تي ٻڌل هڪ بورڊ آف ٽرسٽيز جي هٿ هيٺ ڪم ڪري رهي آهي. وڏن صعنتي ادارن سان بهتر رابطي هئڻ جي ڪري شاگردن کي عملي تجرباتي ميدان ۾ سهولتون مهيا آهن، هن يونيورسٽيءَ جو پهريون وائيس چانسلر سنڌ جو ناميارو عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ 1980ع کان 1983ع تائين رهيو آهي.


لفظ بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو